گل محمد تنيو

گل محمد تنيو

گل محمد تنيو

گل محمد تنيو : ليکڪ گل محمد تنيو ڪنڊياري ۾ ڄائو. تعليم بي. اي اٿس. مرتب ۽ مترجم جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۽ رسالن ۾ ”رسالو سچل سرمست“ (مرتب: عثمان علي انصاري)، ”نئين سنوار“ (عربي فقرن، آيتن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ ترتيب:1987ع)، ”سودائي خليل جبران“ (ترجمو: 1994ع)، ”سچل جو رسالو“ (سرائيڪي ڪلام، مرتب:مولانا محمد صادق راڻيپوري)، ”سچل لغت جي نئين سنوار“ (1997ع)، ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ (ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي، نئين ترتيب:2001ع)، ”مسيح ۽ ماڻهو“ خليل جبران ناول، (ترجمو:2001ع)، ”جبران جون ڪهاڻيون“ (ترتيب ۽ ترجمو: 2004ع) ۽ ”بحر العشق“ (رسالو سيد رکيل شاهه صوفي القادري ٻولي وار ڪلام جي سنڌي ۽ سرائيڪي ترتيب، اوڻاين جي درستي ۽ ڪافين جي بند وار نئين ترتيب 2005ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ هن روشني پبليڪيشن پاران ڪلاسيڪي شاعرن جي ڇپايل ننڍڙن ڪتابڙن جي انتخاب جو به ڪافي ڪم ڪيو آهي. هو هن وقت ڪنڊياري ۾ رهي ٿو.


لفظ گل محمد تنيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو